LOADING

Type to search

سندھی نیوز

پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي علائقي ڳوٺ وڪيو سانگي پهتو، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو جائزو ورتو

Share

پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي علائقي ڳوٺ وڪيو سانگي پهچي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ هو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ملڪ نجف خان پاران بريفنگ ڏني وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڏتل ڪلهوڙو پڻ تعمير ٿيندڙ گهرن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ڳوٺ وڪيو سانگي جي 266 ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن مان 147 گهرن جي تعمير جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڳوٺ وڪيو سانگي جي 138 ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي تعمير جي لاءِ پهرين قسط، 102 کي ٻي جڏهن ته 60 کي ٽئين قسط جاري ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ ۽ ايس آر ايس او جي ڪوششن کي ساراهيو.

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *