LOADING

Type to search

سندھی نیوز

بلاول ڀٽو زرداري پاران شانگلا واقعي تي ڏک جو اظهار

Share

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضلعي شانگلا ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊ سلائيڊنگ جي واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته شانگلا ۾ معصوم جانين جي زيان جي واقعي جي خبر دل کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. مرتونگ جي المناڪ سانحي ۾ پنهنجي ٻارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڳاپيل عملدار ۽ ريسڪيو ٽيمون ملبي ۾ ڦاٿل معصوم جانين کي بچائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيون آهن، اميد آهي ته لينڊ سلائيڊنگ جي ملبي مان نڪتل زخمي ٻارن جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو ويندو. هن پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ريسڪيو ٽيمن سان تعاون ڪن، متاثر خاندانن جو ڏک ونڊين

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *